رئيس محمد اسحاق خان گبول

رئيس محمد اسحاق خان گبول: رئيس محمد اسحاق خان ولد رئيس حاجي نبي بخش خان گبول 1968ع ڌاري سهراب گبول ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس شمار سنڌ جي اهم زميندارن ۾ ٿيندو هو. هن سنڌ ۾ انبن جي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’رئيس حاجي نبي بخش خان گبول اوارڊ‘ شروع ڪرايو، جيڪو هر سال انبن جي بهترين اپت ڏيندڙ باغن جي مالڪن کي ڏنو ويندو آهي. هو پاڪستان مئنگو فارمرس جو چيئرمئن پڻ رهيو.
هن جون 2011ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو